خالد سنڌي

خالد سنڌي

خالد سنڌي

خالد سنڌي: ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو پورو نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو هو، هن جو جنم 2 جون 1912ع تي ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. خالد سنڌيءَ، پرائمري تعليم ماڻڪ ڀٽي پرائمري اسڪول ڦليلي پار، حيدرآباد مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان ڪئي. هن بي. اي (آرٽس) ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) به ڪئي.
خالد سنڌي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ B-2 آفيسر ۽ آل پاڪستان بئنڪس آفيسرز ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
خالد سنڌي پنهنجي ذاتي پريس قائم ڪري، سنگت پبليڪيشن، چارڻ ۽ بادل پبليڪيشن قائم ڪئي، جن پاران ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايائين. ’چارڻ‘ رسالو ڪيتري عرصي تائين هلايائين. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ ادبي پليٽ فارم تان جدوجهد جو آغاز ڪندي 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه اديبن جا ڪتاب ڇپرايائين. هن شاگرديءَ واري زماني ۾ شاگرد هلچل ۽ سياسي سجاڳيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1970ع ڌاري ريڊيو ۽ ٽي. وي لاءِ ڊراما لکيائين ۽ اداڪاري به ڪيائين، سندس سنڌي ڊرامي ’مري ٿيا نه مات‘ ڪافي مقبوليت ماڻي. 1969ع ۾ ونيونٽ خلاف بک هڙتال تي ويهندڙن ۾ خالد سنڌي به شامل هو، جن 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال ڪئي هئي.
خالد سنڌي 74-1973ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1973ع ۾ سرڪاري خرچ تي ماسڪو ۽ مشرقي جرمنيءَ به ويو. خالد سنڌي سنڌي پورهيت تنظيم جو چيئرمئن پڻ رهيو. سماجي خدمتگار جي حيثيت ۾ هن قاسم آباد (حيدرآباد) جي نوجوانن ۾ وڏي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ سان گڏ مسجد ذوالجلال جي تعمير ڪرائڻ ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ مٿس سياسي مخالفن قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ کيس 11 چاڪو لڳا هئا. 1997ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ جلد ئي سنڌ نيشنل فرنٽ جو مرڪزي اڳواڻ چونڊيو ۽ آخر تائين ان پارٽيءَ سان ئي وابسته رهيو.
خالد سنڌي باشعور ۽ وچولي ڪلاس جي سياسي تنظيم ڪاريءَ ذريعي سنڌ جي نجات جو حامي هو ۽ ان ۾ سندس اوليت اقتصاديات کي هئي، جيئن ته هو هڪ بينڪر هو ۽ ناڻي جي اهميت ۽ ان جي آمدنيءَ جي ذريعن کي ڀليءَ ڀت سمجهندو هو، ان ڪري هميشه چوندو هو ته ’هر هڪ سنڌيءَ کي سنڌ جي اقتصادي وسيلن جي مڪمل معلومات هئڻ گهرجي ۽ انهن مالي وسيلن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي‘. هن مختلف وقتن تي ٽي رسالا ’چارڻ‘، ’سنگت‘ ۽ ’ٻيجلجاري ڪيا، جيڪي گهڻو وقت هلي نه سگهيا. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب ’هر دل اندر ڪربلا‘ ۽ ’هوندا سي حيات‘ ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ’زندگي درد جو صحرا‘ (ڊائري)، ’ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي‘ (خط) اڻ ڇپيل مسودن جي صورت ۾ سندس اولاد وٽ محفوظ آهن.
خالد سنڌي 23 سيپٽمبر 1999ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه گلستان سجاد، حيدرآباد جي مقام ۾ آهي.


لفظ خالد سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.06.02  عيسوي

ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو پورو نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو هو، هن جو جنم 2 جون 1912ع تي ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.


1999.09.23  عيسوي

خالد سنڌي 23 سيپٽمبر 1999ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه گلستان سجاد، حيدرآباد جي مقام ۾ آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حمـيـد سـنڌي
چغتائي عصمت
رضا علي عابدي
شعبان بخت
سليم الله مخدوم پاٽائي
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
چرن داس گُر سهاڻي
شهيد سومرو
ڄيٺواڻي هريڪانت
پرم ابيچنداڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون